صحيفه سجاديه سنڌي Sahifa Sajjadiyah Sindhi

  • 7.7 MB

    Dimensione

  • Teen

  • Android 4.1+

    Android OS

Informazioni su صحيفه سجاديه سنڌي Sahifa Sajjadiyah Sindhi

. صحيفه سجاديه جي مڙني دعائن جو سليس ۽ روان ترجمو سمجهاڻي سان گڏ

صحيفهءِ ڪامله“ اسلام جي تدوين ۽ تاليف جي شروعاتي دور جي هڪ الهامي تصنيف آهي، جيڪا حضرت امام زين العابدين عليھ الصلواة و السلام جي دعائن ۽ مناجاتن تي مشتمل آهي. هر دؤر ۾ عام قبوليت ان کي هٿو هٿ ورتو ۽ حقيقت جي پرستارن ۽ امامت جي اطاعت ڪندڙن ان کي عقيدت سان اختيار ڪيو ۽ قرآن مجيد جي تلاوت سان گڏوگڏ ان جو ورد به پنهنجي معمول مان قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ ڇهين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ ان کي ”زبورِ آلِ محمد (ص)“ ۽ ”انجيلِ اهلبيت (ع)“ جي نالن سان سڏيو ويو. اهي نالا ان لحاظ کان تجويز ڪيا ويا ته ان جا حڪيماڻا ارشاد ۽ اثرائتيون دعائون ۽ دل ۾ کُپي ويندڙ حڪم ۽ نصيحتون آسماني صحيفن جي اسلوب جون آئينه دار ۽ ان جي تعليمي روح واريون آهن.

صحيفه سجاديه جي انهي عظمت ۽ تاثير کي نظر ۾ رکندي المجتبى فائونڊيشن هي ايپليڪيشن بڻائي آهي.

ان ايپليڪيشن جون ڪجھه اهم خاصيتون هن ريت آهن:

ا. صحيفه سجاديه جي مڙني دعائن جو سليس ۽ روان ترجمو ۽ سمجهاڻي.

2. عام ماڻهن کي نظر ۾ رکندي ايپليڪيشن کي نهايت سادو بڻايو ويو جيئن هر ڪو بنا ڪنهن مشڪل جي استعمال ڪري سگهي.

3.دعائن کي معروف، غير معروف ۽ هفتي جي ڏينهن جي عنوانن سان ذڪر ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن کي ڳولڻ لاءِ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.

4. پنهنجي پسنديدھ دعائن کي هڪ جڳھه تي گڏ ڪرڻ جي سهولت جو مڪمل خيال رکيو ويو آهي.

5. ڪنهن به دعا جي عربي متن، سنڌي ترجمي ۽ سمجهاڻي کي ڪاپي ڪرڻ سان گڏ سوشل ميڊيا جي ڪنهن به نيٽ ورڪ تي شيئر ڪرڻ جي سهولت کي به شامل ڪيو ويو آهي.

6. عربي ۽ سنڌي لاءِ مختلف فونٽن سان گڏ انهن جي سائيز کي ننڊي وڏي ڪرڻ جي سهولت پڻ پيش ڪئي وئي آهي.

7. ايميل جي ذريعي ايپ ٺاهيندڙ سان رابطي جي سهولت رکي وئي آهي.

8. دعا ۽ ذڪر جي فائدن کي مڪمل طور حاصل ڪرڻ لاءِ روزانو جو ذڪر سنڌي ترجمي سميت پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

پنهنجا مفيد مشورا ضرور ڏيندا ۽ المجتبى فائونڊيشن جي دوستن کي پنهنجي خصوصي دعائن ۾ ياد رکندا.

دعاگو ۽ محتاج دعا: المجتبى سٿ

Mostra AltroMostra meno

What's new in the latest 1.7

Last updated on 2019-08-02
اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وآلِ مُحَمَّدٍ وعَجِّلْ فَرَجَهُمْ
پنھنجي قيمتي راءِ ۽ مفيد مشورا ضرور ڏيندا

Informazioni sull'APK صحيفه سجاديه سنڌي Sahifa Sajjadiyah Sindhi

Ultima versione
1.7
Android OS
Android 4.1+
Dimensione
7.7 MB
Classificazione dei contenuti
Teen
Download APK sicuri e veloci su APKPure
APKPure utilizza la verifica delle firme per garantire download di APK صحيفه سجاديه سنڌي Sahifa Sajjadiyah Sindhi senza virus per te.

Vecchie versioni di صحيفه سجاديه سنڌي Sahifa Sajjadiyah Sindhi

Download super veloce e sicuro tramite l'app APKPure

Basta un clic per installare i file XAPK/APK su Android!

Scarica APKPure