سنڌي قرآن Sindhi Quran

سنڌي قرآن Sindhi Quran

  • 6.6 MB

    파일 크기

  • Android 4.1+

    Android OS

سنڌي قرآن Sindhi Quran 정보

번역, Tafser 오디오 및 신 디어 및 아랍어 검색 옵션이있는 꾸란 신디

بسم الله الرجمن الرحيم

ڪجھ ڳالهيون هن ترجمي بابت

قرآن شريف، الله سائين جو آخري ڪتاب ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي رسالت جو زندھ ۽ جاويد معجزو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو نه آهي، هي آسماني ڪتاب هر قسم جي لفظي تحريف يا گهاٽي واڌي کان پاڪ آهي. پر ڇو جو هي خدائي ڪلام عربي ٻولي ۾ آهي، تنهنڪري غير عرب مسلمانن کي ان مان لاڀ پرائڻ ۽ فيضياب ٿيڻ لاءِ ترجمي جي ضرورت پيش آئي، البت هر مترجم پنهنجي علمي قابليت ۽ عربي ۽ پنهنجي ٻولي تي مهارت موجب ان جو ترجمو ڪيو آهي، تنهنڪري ڪنهن به ترجمي کي حرف آخر نٿو چئي سگهجي. پاڪ پالڻهار مترجمين کي اجر عظيم عطا فرمائي. انهن پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي.

هي موجودھ ترجمو قاري امان الله ڪربلائي جو آهي، جيڪو ان مولانا حافظ سيد فرمان علي جي اردو ترجمي مان سنڌي ۾ ڪيو آهي. هن ترجمي کي ڇاپي پڌري ڪرڻ جي سعادت پير محمد ابراهيم ٽرسٽ کي حاصل ٿي، 1975 ۾ هي ايڊيشن شايع ٿيو. هينئر انٽرنيٽ جي سهولت کي نظر ۾ رکندي اسان جي خواهش هئي ته ان کي وري ٽائيپ ڪرائي، آنلائن رکجي يا اڃا وڌيڪ ان جي ائنڊرائيڊ ايپليڪشن ٺاهجي ته جيئن هر ڪو مومن پنهنجي موبائل ۾ ان کان استفادو ڪري سگهي.

بهرحال مترجم پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر ظاهر آهي ته ڪنهن جي به ڳالھ قرآن جي ترجمي جي لحاظ کان حرف آخر نه آهي، مترجم کان علمي اختلاف رکڻ جو هر محقق کي حق آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي پر وري به ٿي سگهي ٿو ڪٿي غلطي ٿي وئي هجي، پڙهندڙن کي گذارش آهي ته ان جي نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي اصلاح ڪري سگهجي.

ياد رهي ته ان قرآن ۾ ضروري جاين تي وضاحت يا مختصر تفسير طور حاشيو به لڳايو ويو آهي، جيڪو هن اپليڪيشن ۾ شامل نه ڪري سگهيا آهيون، توفيق حاصل ٿي ته ڪنهن ٻي ورجن ۾ ان کي به شامل ڪبو. اصل ترجمي جي ٽائيپنگ ۽ ان کي اپليڪيشن ۾ آڻڻ لاءِ علمي صلاحڪار مولانا غلام قاسم تسنيمي جن آهن، جڏهن ته حاشئي جي ٽائيپنگ مولانا نظير احمد بهشتي ۽ ظفر علي تسنيمي ڪئي آهي.

پاڪ پالڻهار قرآن جي سڀني خادمن کي اجر عظيم عطا فرمائي، سندن ڪاوشن کي قبول فرمائي ۽ سندن توفيقات خير ۾ اضافو فرمائي.

هن اپليڪيشن جون ڪجھ اهم خاصيتون

1. مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي نقطه نظر سان قرآن جو سليس، سولو ۽ روان سنڌي ترجمو

2. عربي ۽ سنڌي عبارت لاءِ الڳ رنگن جو استعمال جيئن پڙهڻ ۽ ۾ سولائي ٿئي.

3. عربي ۽ سنڌي لاءِ بهترين ۽ دلڪش فونٽ

4. اکرن کي ننڍو وڏو ڪرڻ جي سهولت

5. ڏينهن ۽ رات لاءِ ٻه مختلف دلڪش انداز.

6. قرآن ۽ سنڌي ترجمي جي سموري مواد مان مطلوبه لفظ جي ڳولا جي بهترين سهولت

7. تلاوت ٻڌڻ لاءِ عبدالباسط جي آواز ۾ ڊانلوڊنگ جي سهولت

8. قرآن شريف کي مڪمل طور پڙهڻ ۽ ختمي ڪڍڻ لاءِ بڪ مارڪ سسٽم جي سهولت

9. آيتن کي پسند ڪري، پنهنجي پسنديده آيتن کي هڪ جڳھ گڏ ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ جي سهولت

10. قرآن جي تلاوت لاءِ سورتن ۽ سپارن جي انتخاب جي سهولت

دعاڳو ۽ محتاج دعا

المجتبى ملٽي ميڊيا ٽيم

더 보기

What's new in the latest 3.5

Last updated on 2020-10-20
سنڌي قرآن ھاڻي تفسير سان گڏ
더 보기

비디오 및 스크린 샷

  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 포스터
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 1
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 2
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 3
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 4
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 5
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 6
  • سنڌي قرآن Sindhi Quran 스크린샷 7

سنڌي قرآن Sindhi Quran의 오래된 버전

APKPure 아이콘

APKPure 앱을통한매우빠르고안전한다운로드

한번의클릭으로 Android에 XAPK/APK 파일을설치할수있습니다!

다운로드 APKPure
thank icon
사용자 환경을 개선하기 위해 이 웹 사이트의 쿠키 및 기타 기술을 사용합니다.
이 페이지의 링크를 클릭하면 당사의 개인 정보 보호 정책쿠키 정책에 동의하는 것입니다.
더 알아보기